ٺٽ مسجد

ٺَٽُ مسجد: جيڪب آباد ۾ هيءَ مسجد خان آف قلات خداداد خان اندازاً 1842ع ۾ ٺهرائي هئي ۽ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هيءَ مسجد فوج جي رهائشگاهه ٿرڊ فيملي لائين جي حد ۾ شامل ٿي وئي . اڳتي هلي ٿرڊ فيملي جي نالي پٺيان ان جو نالو بدلجي ” ٿرڊ “ مان ” ٺَٽُ “ مسجد پئجي ويو . جيڪا ڏيڍ صدي گذرڻ جي باوجود صحيح ۽ سالم حالت ۾ موجود آهي ۽ شهر جي وڏين مسجدن ۾ شمار ٿئي ٿي . ان کان سواءِ شهر جي وڏين مسجدن ۾ پير بخاري مسجد ، ڪبوتري مسجد ۽ سيد علي نواز شاهه مسجدون به شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو